ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 52 خالي سيٽن تي مڪاني ادارن جي ضمني چونڊن جو شيڊل جاري ڪيو ويو آھي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شڪارپور، ڪشمور،گھوٽڪي، سکر، نوشھروفيروز، دادو، حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، ميرپورخاص، ٺٽو، مٽياري، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الھيار، عمرڪوٽ سوڌو ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن ڪراچي اولھه، ڪياماڙي ۽ ڪراچي اوڀر ۾ مڪاني ادارن جون ضمني چونڊون 9 سيپٽمبر …
اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 52 خالي سيٽن تي مڪاني ادارن جي ضمني چونڊن جو شيڊل جاري

مزید خبریں
ڪراچي-29 جولاءِ (اي پي پي)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 52 خالي سيٽن تي مڪاني ادارن جي ضمني چونڊن جو شيڊل جاري ڪيو ويو آھي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شڪارپور، ڪشمور،گھوٽڪي، سکر، نوشھروفيروز، دادو، حيدرآباد، ڄامشورو، بدين، ميرپورخاص، ٺٽو، مٽياري، خيرپور ميرس، سجاول، ٽنڊو الھيار، عمرڪوٽ سوڌو ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن ڪراچي اولھه، ڪياماڙي ۽ ڪراچي اوڀر ۾ مڪاني ادارن جون ضمني چونڊون 9 سيپٽمبر 2025 ع تي ٿينديون. ان ڏس ۾ 20 آگسٽ 2025 تي لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر پبلڪ نوٽيس جاري ڪندا جڏھن تھ نامزدگي ڪاغذ وصول ۽ جمع ڪرائڻ جو مرحلو 21 کان 23 آگسٽ تائين جاري رھندو ۽ 25 آگسٽ تي اميدوارن جي ابتدائي فھرست جاري ڪئي ويندي. نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 26 کان 28 آگسٽ تائين ٿيندي. 30 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف اعتراض جمع ڪرائي سگھبا ۽ 6 سيپٽمبر 2025 ع تي اميدوارن جي حتمي فھرست شايع ڪئي ويندي، اميدوار نامزدگي ڪاغذ 8 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگھندا، 9 سيپٽمبر تي اميدوارن کي چونڊ نشان الاٽ ڪيا ويندا، جڏھن تھ 24 سيپٽمبر جمعي ڏينھن پولنگ ٿيندي.











