پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾  13 جولاءِ تي يوم شهداءِ ڪشمير عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آچر 13 اپريل تي يوم شهداءِ ڪشمير عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري برادري طرفان ريلين، جلسن جلوسن ۽ تقريبن ۾   ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي انهن 22 عظيم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو جن 13 جولاءِ 1931ع  تي سرينگر جي سينٽرل جيل ٻاهران ڊوگره …

اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آچر 13 اپريل تي يوم شهداءِ ڪشمير عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. ان ڏينهن جي مناسبت سان سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري برادري طرفان ريلين، جلسن جلوسن ۽ تقريبن ۾   ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي انهن 22 عظيم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو جن 13 جولاءِ 1931ع  تي سرينگر جي سينٽرل جيل ٻاهران ڊوگره راڄ خلاف آواز  اٿاريندي پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو هو ۽ شهيدن آذان دوران ظلم آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪيو هو. آذان ڏيندڙ ساٿي کي شهيد ٿيندو ڏسي واري واري سان هڪ هڪ ڪشميري اٿيو ۽ آذان مڪمل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني ايتري تائين جو آذان مڪمل ٿي ۽ 22 نوجوان شهيد ٿي ويا. انهن جي قرباني تحريڪ آزادي ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ اڄ به ڪشميري عوام انهن جي نقش قدم تي هلندي آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي آزاد ڪشمير جي مظفر آباد سميت سمورن ضلعن ۾ مختلف ريليون ڪڍيون ويون جن ۾ عوام جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. جلسن ۾ شهيدن جي قربانين کي ياد ڪيو ويو ۽ آزادي جي عزم کي ورجايو ويو. صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت قومي قيادت به يوم شهداءِ ڪشمر جي موقعي تي پنهنجي پنهنجي پيغامن ۾ انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.