اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئر پرسن ۽ جيل ۾ بند ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال حسين ملڪ چيو آهي، ته آزادي واري جدوجهد هر ڪشميري جي دل جي ڌڙڪن آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مشعال ملڪ يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر هو …
ڪشميري پنهنجي جدوجهد مڪمل ڪاميابي تائين جاري رکندا: مشعال ملڪ
اسلام آباد -13 جولاءِ (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئر پرسن ۽ جيل ۾ بند ڪشميري حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهر واري مشعال حسين ملڪ چيو آهي، ته آزادي واري جدوجهد هر ڪشميري جي دل جي ڌڙڪن آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مشعال ملڪ يوم شهداءِ ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڪشميرين ڪيترين ئي تڪليفن کي منهن ڏنو آهي پر هو جهڪيا ناهن ۽ هو پنهنجي مڪمل ڪاميابي تائين جدوجهد جاري رکندا. هن چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي 22 ڪشميرين آذان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پنهنجي حياتين جي قرباني ڏني ۽ هڪ ڏينهن ڪشمير ۾ آزادي جي صدا ضرور گونجندي. هن چيو ته آذان لاءِ جان ڏيڻ وارن تاريخ رقم ڪري ڇڏي. هن چيو ڪشميرين جو 1931ع کان وٺي اهو حق ۽ انصاف جي فتح وارو عزم ضرور رنگ لائيندو، اهو ڏينهن هاڻي پري ناهي.












