سيالڪوٽ-12 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڊي پي او آفيس سيالڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي ڊي پي او سيالڪوٽ فيصل شهزاد ۽ ڪمانڊر آپريشنز سيف سٽي ساجد حميد ورڪ سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. دوري دوران وفاقي وزير کي آپريشنز، مانيٽرنگ سينٽر سيف سٽي ۾ پوليس جي جديد حڪمت عملي، سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ عوامي سهولتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊي پي …
دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف پاران ڊي پي او آفيس سيالڪوٽ جو دورو
سيالڪوٽ-12 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ڊي پي او آفيس سيالڪوٽ جو دورو ڪيو، جتي ڊي پي او سيالڪوٽ فيصل شهزاد ۽ ڪمانڊر آپريشنز سيف سٽي ساجد حميد ورڪ سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. دوري دوران وفاقي وزير کي آپريشنز، مانيٽرنگ سينٽر سيف سٽي ۾ پوليس جي جديد حڪمت عملي، سيف سٽي پراجيڪٽ ۽ عوامي سهولتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊي پي او فيصل شهزاد ٻڌايو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي ويزن موجب سيالڪوٽ پوليس جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آرٽيفيشل انٽيليجنس سسٽمز، باڊي ڪيم سان ليس سنيپ چيڪنگ ۽ ٻيا جديد قدم متعارف ڪرايا آهن جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي ۾ ڏوهن جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. بچاءُ واري وزير کي سيالڪوٽ جي آبادي، جاگرافيائي بيهڪ ۽ معاشي اهميت ۽ موجوده پوليس وسيلن جو ٻين ضلعن سان تقابلي جائزو به پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي پي او زور ڀريو ته سيالڪوٽ کي ”سٽي ڊسٽرڪٽ“ جو درجو ڏيڻ اڻٽر آهي ته جيئن ضلعي جي ضرورتن موجب پوليس فورس ۽ وسيلا مهيا ڪري سگهجن. ڊي پي او شهر ۾ وڌندڙ ٽريفڪ مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان جا امڪاني حل تجويز ڪيا.












