باڪو-12 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان قانوني ۽ عدالتي شعبن م سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سينيٽر اعظم نذير تارڙ آذربائيجان جي شهر باڪو جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد قانوني ۽ عدالتي شعبن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي. ان دوري جو اهم ترين مقصد پاڪستان جي قانون ۽ …
قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ پاران آذربائيجان جو دورو

مزید خبریں
باڪو-12 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان قانوني ۽ عدالتي شعبن م سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي مطابق سينيٽر اعظم نذير تارڙ آذربائيجان جي شهر باڪو جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد قانوني ۽ عدالتي شعبن ۾ ٻه طرفه لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي. ان دوري جو اهم ترين مقصد پاڪستان جي قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ آذربائيجان جي انصاف واري وزارت وچ ۾ سهڪار جي هڪ يادداشت تي صحيحيون هو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني سهڪار لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ قائم ڪيو ويو آهي. سينيٽر اعظم نذير پنهنجي دوري دوران آذربائيجان جي سينئر قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون. هن پنهنجي ملاقاتن جي شروعات ۾ آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفه سهڪار کي وڌائڻ ۾ قانوني سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. جنهن کان پوءِ اعظم نذير تارڙ پنهنجي آذربائيجان جي هم منصب فريد احمدوف سان تفصيلي ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانوني جديدڪاري، اداره جاتي مٽاسٽا ۽ قانون جي حڪمراني جهڙن شعبن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر اعظم نذير سپريم ڪورٽ آف آذربائيجان جي چيئرمين انعام ڪريموف سان به ملاقات ڪئي ۽ عدالتي سڌارن، عدالتي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ جي امڪانن جو جائزو ورتو. دوري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي هڪ يادداشت تي صحيحيون به ڪيون ويون. ان يادداشت ۾ سهڪار جي جن اهم شعبن جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي انهن ۾ قانوني ۽ عدالتي سهڪار، تڪرارن جي حل جي مٽاسٽا واري طريقيڪار کي هٿي ڏيڻ، قانوني خدمتن جي ڊجيٽل تبديلي، علم ۽ مهارت جي مٽاسٽا شامل آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان مضبوط اداره جاتي رابطا هموار ڪرڻ ۽ انصاف جي شعبي ۾ سڌارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.









