اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ خاص طور تي عورتن، ٻارن ۽ نوجوانن جي صحت، وقار ۽ بااختياري جي لاءِ قومي عزم کي نئين سر مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. آبادي جي عالمي ڏهاڙي 2025ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ خاتون اول چيو ته اڄ جو ڏينهن اسان کي رڳو انگ اکر ئي نه پر انهن زندگين ۽ ڪهاڻين جي ياد ڏياري ٿو، جيڪي انهن انگن اکرن جي پٺيان لڪل هونديون آهن، انهن مائرن، ٻارن ۽ خاندانن جي جيڪي اسان جي قوم جو بنياد آهن، اسان جو ڌيان ان ڳالهه تي هجڻ گهرجي ته هر ماءُ صحتمند هجي، هر ٻار محفوظ هجي ۽ هر خاندان کي ترقي ڪرڻ جو موقعو ملي. هن چيو ته پاڪستان کي ماءُ ٻار جي صحت، ٻارن جي ڀلائي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان سنگين چئلينجز درپيش آهن. هن خانداني منصوبابندي، تعليم، سماجي تحفظ ۽ توليدي صحت جي سهولتن ۾ سيڙپڪاري جي فوري ضرورت تي زور ڏنو جيڪو هڪ مضبوط ۽  جامع معاشري جو بنياد آهي. هن چيو ته هي رڳو ترقي جو معاملو نه آهي پر وقار، برابري ۽ انصاف جو مسئلو آهي، جڏهن اسان پنهنجي عوام جي ڀلائي کي اولين ترجيح ڏيون ٿا ته اصل ۾ اسان پنهنجي قوم جي مستقبل کي محفوظ بڻايون ٿا. آبادي جي ڏهاڙي 2025ع جو موضوع اهو آهي ته ”نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ته اهي هڪ منصفاڻي ۽ پراميد دنيا ۾ اهو خاندان جوڙين جيڪو هو چاهين ٿا“ اهو موضوع پاڪستان جي ڏس ۾ خاص اهميت رکي ٿو جتي آبادي جو هڪ وڏو حصو 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي. خاتون اول ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نوجوانن کي باعزت زندگي گذارڻ جا موقعا ملڻ گهرجن جيڪو فرق کان پاڪ هجي ۽ جتي اهي باخبر فيصلا ڪرڻ جي قابل هجن. هن چيو ته اسان جا نوجوان رڳو اسان جو مستقبل نه آهن پر اسان حال به آهن، اسان کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته انهن کي معياري تعليم، مڪمل طبي سهولتن، معاشي موقعن ۽ پنهنجي زندگين بابت فيصلن ۾ حصيداري حاصل هجي، انهن کي بااختيار بڻائڻ هڪ منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار پاڪستان جي تعمير جي لاءِ لازمي آهي. خاتون اول سمورن پاڪستانين جي حقن ۽ ڀلائي جي فروغ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ۽ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبي جي سمورن حصيدارن کي اپيل ڪئي ته اهي گڏجي هڪ اهڙي مستقبل جي لا3 ڪم ڪن جتي هر زندگي جي قدر هجي ۽ هر نسل بااختيار هجي. هن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 1994ع جي قاهره ۾ منعقد عالمي آبادي ۽ ترقي ڪانفرنس ۾ چيل تاريخي لفظن جي ياد پڻ ڏياري ”منهنجو خواب آهي هڪ اهڙو پاڪستان، هڪ اهڙو ايشيا، هڪ اهڙي دنيا جتي هر حمل منصوبابند هجي ۽ هر پيدا ٿيندڙ ٻار جي پرورش، محبت، تعليم ۽ سرپرستي هجي.“