اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير ۽ قومي دفاع واري وزير سان ملاقات ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) فريم ورڪ تحت گڏيل ڪميشن جو شريڪ چيئرمين جمهوريه ترڪيه جو پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ جوائنٽ ڪميشن جو شريڪ چيئرمين ترڪيه جو قومي دفاع واري وزير ياشار گلر پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير معززين جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن تي زور ڏنو. هن ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي رفتار کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات دوران ترڪ پرڏيهي وزير صدر رجب طيب اردوان پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن گهري تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن کي اجاگر ڪيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو بنياد آهن. واضح رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ايڇ ايل ايس سي سي جي آخري اجلاس دوران ڌرين ايڇ ايل ايس سي سي فريم ورڪ تحت ڪم ڪندڙ 12 گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو جنهن جي گڏيل صدارت ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير ڪندا. اربع ڏينهن گڏيل ڪميشن جو پهريون اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اطمينان جو اظهار ڪيو ته سمورين 12 گڏيل اسٽينڊنگ ڪميٽين جا اجلاس يا ته اڳ ۾ ئي ٿي چڪا آهن يا ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ان جا اجلاس متوقع آهن. ان کانسواءِ ڌرين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جيڪو تمام جلد متوقع آهي. جي ايم سي جي گڏيل صدارت ترڪيه جي قومي دفاع وارو وزير ياشار گلر ۽ پاڪستان جو واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ڪندا. اميد آهي ته ان اهم پليٽ فارم تان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ملندي. پڌرائي موجب ڌرين علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. هي دورو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پائيدار ڳالهه ٻولهه ۽ ان جي گهڻ رخي حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.