اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل (ايڇ ايل ايس سي سي) فريم ورڪ تحت گڏيل ڪميشن جي شريڪ چيئرمين ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان ۽ جوائنٽ وزارتي ڪميشن جي چيئرمين ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياشار گلر سان هڪ ڪارائتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. پاڪستان ۽ ترڪيه ڀائيچاري، دوستي ۽ گڏيل اعتماد جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ خطي ۽ عالمي سطح تي پرامن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ متحد رهندا.