لاهور-09 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي سان پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي صدر اعصام الحق قريشي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ٽينس کي هٿي ڏيڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي سي بي جي ترجمان موجب اعصام الحق اسلام آباد ۾ ٽينس ڪورٽس بابت مسئلن ۽ نئين ٽينس ڪورٽس جي کوٽ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. محسن نقوي اسلام آباد ۾ ٽينس ڪورٽس بابت مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ٽينس جي راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته نئيون ٽينس ڪورٽس به ٺاهينداسين. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته ڪرڪيٽ وانگر پاڪستان ۾ ٽينس جو به بي پناهه ٽئلينٽ آهي ۽ چاهيون ٿا ته ٽينس ۾ به پاڪستاني رانديگر ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. هن چيو ته نوجوانن ۾ پيڊل ٽينس جي راند به مشهور ٿي رهي آهي، پيڊل ٽينس جي نون موقعن مان نوجوانن کي ڀرپور فائدو کڻڻ لاءِ مڪمل سپورٽ ڪنداسين. پي سي بي پاڪستان ٽينس فيڊريشن سان هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي. اعصام الحق قريشي پاڪستان ۾ آءِ سي سي چيئمپز ٽرافي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي کي مبارڪون ڏنيون. اعصام الحق ملڪ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي ڪوششن کي ساراهيو. اعصام الحق ٽينس ڪورٽس بابت مسئلن جي حل ۽ نئيون ٽينس ڪورٽس ٺاهڻ جي خاطري تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو ٿورو مڃيو. پي سي بي جو چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد به ان موقعي تي موجود هو.