باڪو-09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ پارلياماني وفد آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوف سان باڪو ۾ ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق صدر الهام عليوف ۽ اسپيڪر غفار ووا سان تازين ملاقاتن کي مثبت ۽ تعميري قرار ڏنو. اسپيڪر سردار اياز صادق اي سي او سربراهي اجلاس ڪاميابي سان ٿيڻ تي آذربائيجان جي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون. اسپيڪر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي اي سي او اجلاس ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن ۾ يڪجهتي ۽ خير سگالي جي علامت آهي. هن ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي پختي حمايت تي آذربائيجان سان ٿورن جو اظهار ڪندي آذربائيجان طرفان پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي اعلان جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ٻنهي برادر ملڪن جي پارليامينٽن ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ ٽه ڌري اسپيڪرز ڪانفرنس جي ميزباني جي تجويز پيش ڪئي. ملاقات ۾ آذربائيجان جي وزيراعظم علي اسدوف ڪشمير تي آذربائيجان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ۽ پاڪستان طرفان نگورنو ڪاراباخ تڪرار تي حمايت تي پاڪستان جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم علي اسدوف چيو ته آذربائيجان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ (پي ٽي اي) ترجيحاتي واپاري معاهدا لاڳو ڪرڻ جي آجيان ڪئي وئي.