پشاور-09 جولاءِ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان ڏکڻ وزيرستان مان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر نذير خان وزير جي قيادت ۾ قبائلي وفد ملاقات ڪئي ۽ کيس ضم ٿيل ضلعن ۾ امن امان جي خراب صورتحال سبب عوام ۾ ڳڻتي، قبائلي علائقن جي ترقي لاءِ وفاق مان آيل فنڊن جي ورهاست ۽ وفاقي کاتن بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. گورنر چيو ته امن امان قائم ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، صوبو دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو آهي، وفاق کان ضم ٿيل ضلعن لاءِ ملندڙ فنڊن کي من پسند علائقن ۽ ڪرپشن جي حوالي ڪيو ويو جنهن سان قبائلين جي احساس محرومي وڌي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي موقف جي وفاقي حڪومت تائيد ڪئي ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. گورنر وفد کي خاطري ڪرائي ته وفاقي کاتن بابت سندن مسئلن جي حل ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.