اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل مالي سال ۾ تاريخ جي بلند ترين مٽاسٽا جي ناڻي تي شڪراني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي قابل قدر خدمتن ۽ سندن پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد جو مظهر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مالي سال 25 – 2024ع ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران مٽاسٽا جي ناڻي جي مد ۾ 38.3 ارب ڊالر موڪليا ويا، اهو مالي سال 24 – 2023ع جي ڀيٽ ۾ 8 ارب وڌيڪ آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 26.6 سيڪڙو جو اضافو انتهائي خوش آئنده اضافو آهي. وزيراعظم چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي قابل قدر خدمتن ۽ ان جي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد جو مظهر آهي، تازو مثبت معاشي گراف حڪومتي پاليسين جي رخ صحيح هجڻ جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي.