اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري جي قدمن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، ايس اي سي پي جي چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي، پيٽروليم ۽ اقتصادي ترقي سميت اهم شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم سيڙپڪاري کي ٺوس اقتصادي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جي تصديق ڪندي اداراجاتي هم آهنگي ۽ تيز رفتار عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو.