اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ توازن برقرار رکڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پنج لک ٽن کنڊ جو آمدني واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جلد عملدرآمد ٿيندو. غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ترجمان مطابق کنڊ جي آمدني واپار جو سمورو عمل حڪومتي شعبي ذريعي انجام ڏنو ويندو ۽ ان لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. روانگي واپار واري عمل تي فوري عملدرآمد جي شروعات ڪئي پئي وڃي ته جيئن ملڪي مارڪيٽن ۾ کنڊ جي دستيابي يقيني ۽ قيمتن ۾ اضافو روڪي سگهجي. ترجمان چيو ته کنڊ جي آمدني واپار جو موجوده طريقيڪار ماضي جي حڪومتن جي طريقيڪار کان مختلف ۽ وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتي حڪمت عملي تي ٻڌل آهي. ماضي ۾ اڪثر مصنوعي کوٽ پيدا ڪري قومي خزاني تي بار وڌو ويو ۽ غير ضروري سبسڊي تي ڀاڙيو پيو وڃي. هن وضاحت ڪئي ته موجوده حڪومت ان وقت کنڊ جو روانگي واپار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو جڏهن ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو مقدار دستياب هو. هاڻي جڏهن قيمتن ۾ اضافي جو خدشو آهي ته حڪومت وقت تي آمدني واپار جا قدم کڻي مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. هن جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن کي اثرائتن پاليسي قدمن ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي مهانگائي کان بچائي سگهجي.