اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي ڍانچي جي نئين سر تنظيم سازي سان لاڳاپيل ڪابينه ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزارت ۾ وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن، پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپنيءَ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ اداري جي ساک، اهم ذميوارين، نمايان ڪاميابين ۽ مستقبل جا منصوبا به پيش ڪيا ويا. بريفنگ ۾ ان ڪمپني کي بجلي جي شعبي ۾ منصوبا بندي ۽ ڪارڪردگي جي مانيٽرنگ جي هڪ مضبوط فني اداري طور مستحڪم بڻائڻ خاص ڪري سائنسي انداز ۾ اڳواٽ، نظام جي بهتري ۽ بين الشعبه جاتي هم آهنگي تي ڌيان ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ڪابينه ڪميٽي کي قانون واري ڊويزن به پنهنجي ذميوارين، ڪارڪردگي جي معيارن، جاري نئين سر تنظيم سازي جي سرگرمين ۽ ان جي عوامي پاليسي ۽ سروس ڊليوري تي اثرن جي حوالي سان شروعاتي بريفنگ ڏني جنهن ۾ ماتحت ادارن جو جائزو ۽ اداره جاتي سگهه بهتر بڻائڻ، اختيارين جي ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ ۽ بهتر نتيجن لاءِ سادي ۽ اثرائتي انتظامي ڍانچي جون تجويزون شامل هيون. ان کان علاوه ڪميٽي سلمان احمد، امبيسڊر ايٽ لارج جي سربراهي ۾ قائم سب ڪميٽي طرفان روينيو ڊويزن بابت اداره جاتي سڌارن تي ٻڌل سفارشن تي بحث ڪيو. سفارشن ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، انساني وسيلن جي بهتر استعمال ۽ قومي ترجيحن سان هم آهنگي کي مضبوط بڻائن تي زور ڀريو. ڪارڪردگي تي ٻڌل حڪومت جي نظام ۽ احتساب جي اثرائتي نظام جي مدد سان عوامي خدمتن جي بهتري جي راهه هموار ڪرڻ تي به خاص زور ڀريو ويو. وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ايف بي آر پاڪستان جي مالياتي نظام ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته حڪومت وزيراعظم جي نگراني ۾ ايف بي آر ۾ سڌارن جي منصوبي تي مڪمل عزم سان عملدرآمد ڪري رهي آهي، ته جيئن ٽيڪس وصولي کي وڌائي مالياتي طور پاڻڀرو ٿي سگهجي ۽ ايف بي آر کي هڪ جديد، اثرائتو ۽ جواب ڏيندڙ ادارو بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ايف بي آر جي نظام ۾ ڪارڪردگي تي ٻڌل انساني وسيلن جي پاليسين کي اختيار ڪيو وڃي، ته جيئن سرڪاري خرچن جو هر روپيو ٽيڪس وصولي، قانون تي عملدرآمد ۽ عوامي سهولت جي شڪل ۾ واضح بهتري جو سبب بڻجي.