اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) يونيسڪو ۽ قومي ورثي، ثقافت واري وزارت پاڪستان ۾ ثقافتي ورثي ۽ تاريخي ماڳن جي تحفظ لاءِ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو فيصلو وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي ۽ پاڪستان ۾ يونيسڪو جي نمائندي فواد پاشايوف وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. ملاقات ۾ وفاقي سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني به موجود هو. ملاقات ۾ يونيسڪو جي نمائندي پاڪستان جي ثقافتي ورثي جي تحفظ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ وزارت کان ان سلسلي ۾ هر ممڪن سهڪار جي درخواست ڪئي. هن چيو ته پاڪستان قديم ثقافتن، ٻولين، رقص، تعليمي روايتن، عورتن جي ڪردار ۽ تاريخي ماڳن سان مالامال ملڪ آهي ۽ يونيسڪو ان اثاثي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ٻُڌايو ته يونيسڪو پاڪستان ۾ گنڌارا، سنڌ ۽ مغليه دؤر جي قديم آثارن سميت ڪيترن ئي ورثي وارن هنڌن تي حفاظتي قدم کڻي چڪو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير اورنگزيب کچي يونيسڪو طرفان پاڪستاني ثقافت ۽ ورثي جي تحفظ ۾ ڪردار کي ساراهيندي چيو ته اسان مستقبل ۾ وڌيڪ ماڳ يونيسڪو جي سهڪار سان محفوظ بڻائڻ چاهيون ٿا. هن ڪجهه نوان هنڌ يونيسڪو جي تحفظ وارن منصوبن ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني. هن يونيسڪو جي سهڪار تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان قومي ورثي ۽ ان جي ڊيٽا جي تحفظ ۾ مڪمل سهڪار ڪندو. هن يونيسڪو جي نمائندي کي پاڪستان جي عجائب گهرن جو دؤرو ڪرڻ جي دعوت ڏني ته جيئن هو موهن جو دڙو ۽ ٻين ماڳن جي تحفظ جي قدمن جو جائزو وٺي سگهي. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو پڻ اعلان ڪيو ويو ته 3 کان 6 نومبر 25ع تي پشاور ۾ 4 ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويندو جنهن جو مقصد قومي ورثي جي ادارن جي عملي جي صلاحيت ۾ اضافو ۽ ادارن ۾ بهتر انتظامي تربيت فراهم ڪرڻ آهي.