لاهور -08 جولاءِ (اي پي پي) پي ڊي ايم اي پنجاب مختلف ضلعن ۾ 24 ڪلاڪن دوران بارشن سبب ٿيل نقصانن جي رپورٽ جاري ڪندي، شديد برساتن ۾ پراڻن گهرن جي ڊهي پوڻ سبب نقصان رپورٽ ڪيا آهن. مختلف حادثن ۾ 7 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق راولپنڊي ۾ پراڻين عمارتن ڪرڻ سبب هڪ ٻار فوت ٿيو، ڪلرسيدان ۾ وهنجندي 3 ٻار ٻڏي فوت ٿيا آهن، جڏهن ته اجل جو شڪار ماڻهن ۾ هڪ عورت، 2 مرد ۽ 4 ٻار شامل آهن. ڊي جي پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته سانوڻي جي برساتن جو ٻيو سلسلو 10 جولاءِ تائين جاري رهندو، شهرين کي گذارش آهي ته خراب موسم جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.