اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) غيرسرڪاري تنظيم ”پياس انٽرنيشنل“ پاران ڪرايل تازي سروي ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ترقياتي منصوبن تي عوامي، سياسي ۽ ڪاروباري ڌرين ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي سي ڊي اي چيئرمين، چيف ڪمشنر اسلام آباد ۽ ڊي جي سول ڊفينس محمد علي رنڌاوا جي قيادت کي مثالي قرار ڏنو آهي. پياس انٽرنيشنل پاران جاري پڌرائي موجب 10 هزار ماڻهو جن ۾ ڪاروباري شخصيتون، معيشت جا ماهر، تعليمي ماهر، ريئل اسٽيٽ مارڪيٽنگ ڪمپنيون ۽ تعميراتي ڪمپنين جا نمائندا ۽ عام ماڻهو شامل ٿيا، انهن سروي ۾ پنهنجي خيالن/ راءِ جو اظهار ڪيو. ماهرن ٻڌايو ته سي ڊي اي اسلام آباد جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بنا وفاقي حڪومت کان اضافي فنڊز وٺڻ جي پنهنجي محدود وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪيترائي ترقياتي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ڪيا، انهن منصوبن ۾ رستن جي تعمير ۽ مرمت، انڊر پاسز جي تعمير، سگنل فري ڪوريڊور، سيڪٽر ڊيولپمينٽ، اسٽريٽ لائيٽس هڻڻ، انڊر چينجنگ انرجي ايفيشنٽ لائيٽس، لنڪ روڊز جي بحالي ۽ خوبصورتي جا ٻيا منصوبا شامل آهن. سي ڊي اي جي ان اڳڀرائي جو مقصد رڳو شهري ترقي نه پر شفاف گورننس ۽ پاڻڀرائپ جو عمل مظاهرو پڻ آهي، بنا ڪنهن اضافي خرچن جي ترقياتي عمل جو بار پنهنجي وسيلن تي کڻڻ هڪ جرئتمنداڻو ۽ عوام دوست قدم آهي جيڪو ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسي جي قدر ۽ ذميواري جو عڪاس آهي. ناليواري انجنيئرز، تعميراتي ماهرن ۽ ٽرانسپورٽ ۽ بلڊنگ انڊسٽري جي نمائندن پڻ ان عمل کي ساراهيو آهي. انهن موجب سي ڊي اي پاران اختيار ڪيل ترقياتي ماڊل نه رڳو مستحڪم آهي پر مستقبل جي شهري منصوبابندي جي لاءِ هڪ قابل تقليد مثال پڻ بڻجي چڪو آهي. ان موقعي تي پياس انٽرنيشنل هيومن رائيٽس جي چيئرمين عمران لطيف چيو ته سي ڊي اي محدود بجيٽ ۾ مثالي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ترقياتي ڪمن ۾ شفافيت، پاڻڀرائپ ۽ منصوبابندي جو جيڪو معيار قائم ڪيو ويو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي، سي ڊي اي ماڊل کي قومي سطح تي اختيار ڪيو وڃي ۽ ان اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو وڃي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ تازي ترقياتي تبديليون نه رڳو مقامي شهرين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائينديون پر سڄي ملڪ جي ادارن کي پاڻڀرائپ، ديانت ۽ منصوبابندي جي ترغيب ڏيڻ ڏينديون.