اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ کنڊ جي صورتحال ۽ درآمدي ضرورتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، خوراڪ واري وزارت جي سيڪريٽري، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ صنعت جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ مستحڪم سپلاءِ کي يقيني بڻائڻ ۽ سستي اگهن کي برقرار رکڻ جي لاءِ 500000 ميٽرڪ ٽن تائين کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏني. نائب وزيراعظم قيمتن ۾ استحڪام ۽ صارفين جي مفادن جي تحفظ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو.