اسلام آباد– 08 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ڪلائو لاڪ آپريشن زون ۾ سرچ مشن دوران ميٿين گيس سان ترڪيه جي 12 فوجين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي اهو ڄاڻي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي ته ڪلائو لاڪ آپريشن زون ۾ سرچ مشن دوران ميٿين گئس سان 12 ترڪ فوجي شهيد ٿي ويا آهن. بيان ۾ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي.