ڪراچي -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته پرڏيهه مان ڊيپورٽ ٿيل پينون فقيرن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي، فرار ٿيل ايجنٽس کي ٻين صوبن جي سهڪار سان گرفتار ڪيو وڃي، جعلي دوائن جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن جي اصل جڳهه جيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف آءِ اي ڪراچي زون جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ڏکڻ مجاهد اڪبر خان، ايف اي اي ڪراچي جو زون جو ڊائريڪٽر نعمان صديق، اينٽي مني لانڊرنگ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اميگريشن، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن، سمورا اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز  ۽ ايف آءِ اي ڏکڻ جا عملدار به شريڪ ٿيا. ڊائريڪٽر ڪراچي زون نعمان صديق گهرو وزير کي بريفنگ ڏني ۽ کيس ايف آءِ اي ڪراچي زونج ي ڪارڪردگي ۽ اشوز  کان آگاهه ڪيو. گهرو وزير حواله هنڊي مافيا خلاف اثرائتي ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو ته ان ۾ ملوث وڏن وڏن ماڻهن ۾ هٿ وڌو وڃي، ڪنهن جو به دٻاءُ قبول ڪرڻ کان سواءِ مافيا خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. محسن نقوي پينون فقيرن کي پرڏيهه موڪلڻ بجاءِ ايجنٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏيندي چيو ته پينون فقير مافيا پاڪستان جو اميج خراب ڪري رهي آهي، ايجنٽس خلاف بنا فرق جي ايڪشن نظر اچڻ گهرجي، فرار ٿيل ايجنٽس کي ٻين صوبن جي سهڪار سان گرفتار ڪيو وڃي، هن جو چوڻ هو ته جعلي دوائن جو ڪاروبار ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو، ان ناپاڪ ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن سان سختي سان منهن ڏنو وڃي، جعلي دوائن جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن جي اصل جڳهه جيل آهي، کين نان ڪسٽم مصنوعات خلاف ڀرپور ڪارروائي جي هدايت به ڪئي. گهرو وزير 5 هزار کان وڌيڪ ڊالر پرڏيهه کڻي ويندڙ مسافرن خلاف سخت ايڪشن ڏيندي ايف آءِ اي کي اختيارين کي هدايت ڪئي ته اهڙن ماڻهن خلاف قانون مطابق ڀرپور ڪارروائي ڪئي وڃي.