ڪراچي-07 جولاءِ (اي پي پي) گھرو معاملن وارو وفاقي وزير محسن نقوي ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي رھائشگاهه پھتو، جتي آمد تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سندس شاندار استقبال ڪيو. ملاقات دوران گھرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي محرم الحرام دوران سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس پاران ڪيل سيڪيورٽي انتظامن جي تعريف ڪئي. ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران ملڪ جي اھم سياسي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. ملاقات ۾ مجموعي ملڪي سياسي منظر نامي، وفاق ۽ صوبن ۾ لاڳاپن ۽ قومي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنھي اڳواڻ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو تھ ملڪ کي درپيش چيلنجز کي منھن ڏيڻ، قومي يڪجھتي ۽ عوامي مفاد لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.