اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو پاران ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشنز تي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل ڪوششن سان 178 ارب رپين جي ريڪوري ممڪن ٿي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو جي ٽيڪس وصُولين ۾ اضافي جي لاءِ قدمن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ملڪي ٽيڪس آمدني ۾ اضافي جي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان جو معاشي استحڪام ٽيم جي گڏيل ڪوششن جي ڪري ممڪن ٿيو، ملڪ جي معاشي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ پڻ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم کي ايف بي آر ۽ انٽيليجنس بيورو پاران ٽيڪس چوري ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف آپريشنز تي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انٽيليجنس بيورو ۽ ايف بي آر جي گڏيل ڪوششن سان 178 ارب رپين جي ريڪوري ممڪن ٿي. انهن قدمن سان ڪمپينن جي انضمام ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن شعبي ۾ رهتن جي مد ۾ ٽيڪس آمدني ۾ 69 ارب رپين جو اضافو ٿيو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته انٽيليجنس بيورو پاران کنڊ، جانورن جي خوراڪ، مشروبات، کاڄرو تيل، تماڪ ۽ سيمنٽ جي شعبي ۾ 515 ڇاپا هنيا ويا، انهن ڪاررواين جي نتيجي ۾ ٽيڪس چوري جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي 10.5 ارب رپين جو اضافي ٽيڪس وصول ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته انٽيليجنس بيورو ذخيره اندوزي ۽ شين جي قيمتن ۾ مصنوعي طور تي اضافي جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ کنڊ، ڀاڻ ۽ ڪڻڪ جي شعبن ۾ 13 هزار کان وڌيڪ آپريشن ڪيا ۽ اپريل 2022ع کان هيستائين 99 ارب رپين کان وڌيڪ جي غيرقانوني طور تي ذخيرو ٿيل شيون قيضي ۾ ورتيون.