ڪراچي-07 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪراچيءَ جي واپاري برادري کي خاطري ڪرائي آهي ته حڪومت سندن سمورا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. امن امان، پاڻي، اسمگلنگ، نارڪوٽڪس، حددخلين جي خاتمي سميت سمورين تجويزن تي غور ڪري اوهان جا مسئلا حل ڪنداسين. هن اها ڳالهه ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ان کان اڳ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پهچڻ تي وفاقي وزير جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪراچي چيمبر جي ذميوارن ۽ شهر جي ڪاروباري شخصيتن محسن نقوي سان ملاقات ڪري واپاري برادري ۽ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي واپاري برادري کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته موجوده حڪومت گرين پاسپورٽ جي رينڪنگ کي بهتر ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ ان جي رينڪنگ ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. محسن نقوي ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتريءَ تي سنڌ پوليس خاص ڪري ڪراچي پوليس جي ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ ڏوهن جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته پاڻيءَ جو مسئلو هر وڏي شهر ۾ آهي ۽ ڪراچي هڪ وڏو شهر آهي. ان سلسلي ۾ اسان سڀني کي گڏجي مسئلي جو حل ڪڍڻو آهي. محسن نقوي چيو ته اسلام آباد ۾ اسان هاڻي تائين صرف 33 سيڪڙو ماڻهن کي پاڻي فراهم ڪيو آهي. گهرو وزير چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪم جاري آهي ۽ ان ۾ تمام گهڻي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻندي ۽ ان بوٽس جو انگ وڌايو وڃي ته جيئن سامونڊي پٽي تي اسمگلنگ ۽ ٻين ڏوهن جي وارداتن جي روڪٿام لاءِ اثرائتي ڪارراوئي ڪري سگهجي. هن چيو ته جيستائين اسان پنهنجي فورسز کي انفراسٽرڪچر نه ڏيندسين اها ڪيئن بهتر ڪم ڪندي. هن چيو ته ڪوسٽ گارڊز سميت سموري موجوده فورسز کي مستحڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪرائيم ڪنٽرول لاءِ سيف سٽي منصوبو اهم آهي، اسان کي ڪراچيءَ سميت سڄي پاڪستان ۾ سيف سٽي کي بهتر بنائڻو پوندو. محسن نقوي چيو ته سيف سٽي منصوبي ذريعي اسان ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته آءِ ڊي ۽ سم ڪارڊز جي حوالي سان نادرا چيئرمين سان گڏجي مسئلي جو حل ڪڍنداسين ته جيئن واپاري ملازمت تي رکيل ماڻهن جي ڏوهن جو رڪارڊ معلوم ڪري سگهجي. نارڪوٽڪس ۽ نشو ڪندڙ ماڻهن جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته ان سلسلي ۾ صرف ڪارروائي ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. حڪومت، واپاري برادري ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.