اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تازين برساتن ۾ ڪنهن به قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اين ڊي ايم اي، ريسڪيو ادارن ۽ انتظاميا کي هاءِ الرٽ تي رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي صورتحال کان وقت سر آگاهه ڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سنڌو درياءَ ۽ ٻين دريائن جي ڀرپاسي علائقن ۾ امڪاني ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ اين ڊي ايم اي، ريسڪيو ادارن ۽ انتظاميا کي فوري حفاظتي انتظام ۽ قدم يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن اين ڊي ايم اي کي صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز (پي ڊي ايم ايز) سان ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ ۽ صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان ويجهو رابطو مضبوط بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) عوام کي آگاهه رکڻ جي لاءِ سمورن دستياب ذريعن سان حقيقي ۽ تازي صورتحال جي فراهمي کي يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته تربيلا ڊيم اسپل وي آپريشن سان سنڌو درياءَ جي هيٺئين ضلعن ۾ ٻوڏ وڌڻ جو خدشو آهي، سمورن صوبن جي انتظاميا ٻوڏ واري صورتحال جي ڏس ۾ عوام جي لاءِ موثر آگاهي مهم جاري رکي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) ميڊيا جي ذريعي غيرمحفوظ ۽ گهٽ محفوظ علائقن جي وضاحت ڪري جتي وڏي، وچولي ۽ گهٽ درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي ته جيئن عوام کي وقت سر چتاءُ ڏيئي سگهجي. وزيراعظم صوبن جي انتظاميا کي ڪنهن به صورتحال کي وقت کان اڳ منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي تياري مڪمل رکڻ ۽ اين ڊي ايم اي کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.