اسلام آباد– 07 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ضرورت جي شين ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ملڪي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ واپار واري وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، واپار واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال، قيمتن جي تعين جي رجحانن ۽ بازار ۾ کاڌي پيتي جي ضرورت جي شين جي مستحڪم دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي ڌيان ڏنو ويو. نائب وزيراعظم مارڪيٽ جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي اپروچ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن فعال منصوبابندي، موثر نگراني ۽ ايجنسين جي وچ ۾ تعاون جي ذريعي صارفين ۽ پروڊيوسرز جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.