اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته الله پاڪ جي فضل و ڪرم ۽ حڪومتي قدمن سان عاشوره جو ڏهاڙو پرامن رهيو، ڀائيچاري ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالم سڳورن جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، فورسز کي بهادري ۽ هم آهنگي سان فرض سرانجام ڏيڻ ۽عزادارن جي جلسون ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. گهرو وزارت مان جاري بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد سميت پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سمورا جلوس ۽ مجلسون خيريت سان پڄاڻي تي پهتيون. محسن نقوي چيو ته عاشوره جي ڏهاڙي تي فوج، رينجرز، پوليس ۽ انتظاميه جي محنت ۽ پروفيشنل اپروچ کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ۽ چيو ته يوم عاشوره جي سيڪيورٽي تي مقرر هر جوان، آفيسر ۽ اهلڪار جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته ڀائيچاري ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ ۾ عالمن سڳورن جي ڪردار کي ساراهيون ٿا، فورسز پنهنجي بهادري ۽ هم آهنگي سان فرض سرانجام ڏنا، ۽ عزادارن جي جلوسن ۽ مجلسن کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي. محسن نقوي چيو ته سڄي ملڪ ۾ عزدارن پرامن ماحول ۾ امام حسين رضه ۽ ڪربلا جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، پهرين محرم الحرام کان يوم عاشوره تائين موثر ۽ مربوط سيڪيورٽي پلان تي ڪاميابي سان عمل ٿيو. هن چيو ته سمورا فورسز ۽ فيلڊ فارميشنز رات ڏينهن هڪ ڪري مثالي نظم و ضبط ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، خير خيريت سان محرم جو پهريون ڏهاڪو پڄاڻي تي پهتو، الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيون ٿا.