اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيو آهي، ته امام حسين رضي الله عنه جي قرباني اسان کي حق ۽ سچ جي راهه تي ڄمي بيهڻ جو حوصلو ڏئي ٿي، عاشوره جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي درس ڪربلا جو آهي، ته خوف بس خدا جو آهي، جنيد انوار چوڌري چيو ته امام حسين رضه جي قرباني اسان کي حق ۽ سچ تي ڄمي بيهڻ جو حوصلو ڏئي ٿي، ڪربلا ايثار، قرباني، حق چوڻ جو هڪ روشن مثال آهي. وفاقي وزير چيو ته حق جي راهه ۾ ڏني ويندڙ هر قرباني فخر جوڳي آهي. جنيد انوار چوڌري چيو ته حضرت امام حسين رضه ظلم آڏو جهڪڻ بدران حق جو علم بلند ڪيو، باطل آڏو ڪنڌ جهڪائڻ بدران سچائي تي قربان ٿيڻ حسين رضه جو درس آهي. هن چيو ته محرم صبر، برداشت ۽ حق لاءِ قرباني جو پيغام ڏئي ٿو.