لاهور -05 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوم خانڪندي ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کان پوءِ چهل قدمي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان ڪالهه جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪ صدر کي خانڪندي جي تاريخ ۽ تاريخي عمارتن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ٽنهي اڳواڻ غير رسمي ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٽنهي اڳواڻن ڳالهين دوران هڪبئي جا هٿ پڪڙي پاڪستان، ترڪيه ۽ آذربائيجان وچ ۾ مثالي ڀائراڻي لاڳاپن ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. بعد ۾ آذربائيجان جي صدر الهام عليوم، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ گاڏي هلائي شوشا ۾ دعوت تي وٺي ويو.