اسلام آباد -05 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي تونسا ويجهو فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ گهرو وزير چيو ته پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي هڪ ڀيرو ٻيهر فتنه الهندستان جي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. وفاقي وزير پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي پيشيواراڻين صلاحيتن کي ساراهيو ۽ چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جو هر جاءِ تي پيڇو ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جا بهادر پٽ اڳ به دليري سان خوارجي دهشتگردن خلاف ناميان ڪاميابيون حاصل ڪري چڪا آهن. محسن نقوي چيو ته پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي خوارجي دهشتگردن کي جي ناپاڪ عزمن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي بهادر ۽ پروفيشنل پٽن تي فخر آهي.