خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان آذربائيجان سيڙپڪاري حصيداري ۾ وڏي اڳڀرائي جي طور تي آذربائيجان پاران پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي معيشت واري وزير ميڪائل جباروف آذربائيجان پاران پاڪستان جي اقتصادي شعبي ۾ مجموعي طور تي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. ان موقعي تي پاڪستاني وفد وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم ۽ آذري صدر جي اڄ خانڪندي ۾ خوشگوار ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيون جڏهن ته حتمي ۽ تفصيلي معاهدي تي آذري صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صحيحون ڪيون وينديون. معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري لاڳاپا تاريخي سطح تي پهچي ويا ۽ اهو معاهدو ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ۽ واپاري حصيداري جي وڌيڪ مضبوطي جي ضمانت ثابت ٿيندو. وزيراعظم جي تازي دوري کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، پاڪستاني سفارتي مشن ۽ وفدن جي سطح تي ان معاهدي جا رخ طئي ٿيا جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پاڪستان آذربائيجان جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وڌيڪ مٽاسٽا تي پڻ اتفاق ٿيو.