شوشا، قره باغ – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجو ٻن ڏينهن جو آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري پاڪستان جي لاءِ روانو ٿي ويو. فذولي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي تعليم ۽ سائنس واري وزير امين امراللائيف، آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سفير خضر فرهادوف، پاڪستان جي آذربائيجان ۾ سفير قاسم محي الدين ۽ اعليٰ سفارتي ۽ حڪومتي اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران خانڪندي ۾ منعقد اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم علائقائي رابطن، واپار، سيڙپڪاري، پائيدار ترقي ۽ علائقائي امن جي لا قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ 2 ارب ڊالر جي پاڪستان جي اقتصادي شعبي ۾ آذري سيڙپڪاري جي معاهدي تي پڻ صحيحون ٿيون. وزيراعظم جون ان موقعي تي ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقاتون ٿيون. ملاقاتن ۾ علائقائي امن، پاڪستان جي انهن ملڪن سان گڏيل رابطن ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي.