اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آمريڪا جي آزادي واري ڏهاڙي تي آمريڪي عوام ۽ وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ۽ سفارتي عملدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ آمريڪي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت طرفان جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي حڪومت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته يوم آزادي تي آمريڪي عوام جي خوشين ۾ برابر جو شريڪ آهيان. محسن نقوي چيو ته آمريڪا جي آزادي وارو ڏهاڙو، قرباني ۽ جمهوريت جي عظمت جو اهڃاڻ آهي، آزادي انسان جي سڃاڻپ، خودمختياري ۽ وقار جي علامت آهي، هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اڳواڻي ۾ آمريڪا ترقي، اتحاد ۽ امن جي رستي تي گامزن آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دنيا ۾ پائيدار امن لاءِ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ پراڻا عالمي تڪرار حل ٿيندا. محسن نقوي چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ صدر ٽرمپ جو ڪردار هڪ بصيرت ۽ دانشمنداڻي قيادت جو مثال آهي. هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو تعميري ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. گهرو وزير چيو ته وائيٽ هائوس ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اعزاز ۾ ڏنل تاريخي آجياڻو پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو نئون بنياد آهي. محسن نقوي چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي نئون رخ مليو ۽ گڏيل تعاون مضبوط ٿيو. هن چيو ته بحرانن جي لمحن ۾ واشنگٽن جي متوازن حڪمت عملي ٻطرفن لاڳاپن ۾ اعتماد ۽ وقار ۾ واڌ ٿي آهي، محسن نقوي چيو ته 4 جولاءِ جو ڏينهن آمريڪي عوام لاءِ عزم، حوصلي ۽ اتحاد جي تجديد جو ڏينهن آهي. دعا آهي ته آمريڪا جو 249 هون آزادي وارو ڏهاڙو دنيا ۾ انصاف، آزادي ۽ امن جو نئون پيغام ثابت ٿئي.