اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران صدر ڊونلڊ ٽرمپ، آمريڪي انتظاميا ۽ عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران آئون صدر ڊونلڊ ٽرمپ، آمريڪي انتظاميا ۽ آمريڪا جي عوام کي سندن آزادي جي ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻي حصيداري کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ايندڙ سالن ۾ اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان کي آمريڪي ڄائي پاڪستاني شهرين تي پڻ فخر آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پُل جو ڪم ڪري رهيا آهن.