خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ 2025ع ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي ٽيم ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اها فتح پوري قوم جي لاءِ هڪ قابل فخر لمحو ۽ راندين ۾ پاڪستاني عورتن جي لاءِ هڪ ٻيو عظيم سنگ ميل آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم ٽيم کي شاندار راند تي شاباس ڏني. هن پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهڻ تي ٽيم کي خاص طور تي پڻ ساراهيو. واضح رهي ته پاڪستان ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي فائنل ۾ مالديپ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.