ڪراچي – 04 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ عمارت ڊهڻ جي افسوسناڪ سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ صدر فوت ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي ۽ بحالي جي دعا ڪئي. صدر سنڌ حڪومت کي امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي. صدر متاثر ماڻهن کي فوري ريسڪيو ڪرڻ ۽ ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي هدايت ڪئي. صدر حادثي جي سببن جو فوري تعين ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.