راولپنڊي-04 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي اتر وزيرستان جي علائقي حسن خيل ۾ مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي 30 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پهرين، ٻي ۽ ٻي/ ٽئين جولاءِ جي وچ واري رات، سيڪيورٽي فورسز هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خوارجين جي هڪ وڏي گروهه کي اتر وزيرستان جي ضلعي حسن خيل ۾ چرپر جي نشاندهي ڪئي جيڪا پاڪستان – افغان سرحد ذريعي مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سيڪيورٽي فورسز موثر طريقي سان هندستاني حمايت يافته خوارجين جي مداخلت جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو. مهارت ۽ نشاني تي ڪارروائي جي نتيجي ۾ سمورن 30 هندستاني خوارجين کي ماريو ويو. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارجين کان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ آيو آهي. سيڪيورٽي فورسز غير معمولي پيشيوراڻي مهارت، چوڪسي ۽ تياري جو مظاهرو ڪيو ۽ امڪاني تباهي کي روڪيو. عبوري افغان حڪومت کي پاڪستان خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين لاءِ پرڏيهي پراڪسيز ذريعي افغان سرزمين جي استعمال کي روڪڻ جي به ضرورت آهي. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۽ ملڪ مان هندستاني اسپانسرڊ دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.