اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري سان پاڪستان ۾ انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر جي نمائندي محمود اختر ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ سامونڊي ماحولياتي نظام جي تحفظ لاءِ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته عالمي حصيداري سامونڊي ماحولياتي تحفظ لاءِ اڻٽر آهي. پاڪستان جا سامونڊي علائقائي ماحولياتي خطرن جي لپيٽ ۾ آهن. موسمياتي تبديليون سامونڊي علائقن تي شديد اثر وجهي رهيون آهن. قومي ماحولياتي هدفن جي حاصلات لاءِ گڏيل قدم ضروري آهن. قومي ميري ٽائيم پاليسيءَ ۾ آءِ يو سي اين جو تعاون ساراهه جوڳو آهي، ماحول دوست سياحت کي هٿي ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته گدلي پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ سامونڊي زندگيءَ لاءِ خطرناڪ آهي. ماحول دوست گدلاڻ نظم ٽيڪنالاجي جي فراهميءَ ۾ مدد ڪندو. آءِ يو سي اين جي نمائندي ڳالهائيندي چيو ته مقامي ڪميونٽي جي شموليت سان پائيدار ترقي ممڪن آهي، آءِ يو سي اين پاڪستان جي بليو اڪانومي جي هدف ۾ تعاون جو عزم ظاهر ڪيو آهي. جنيد انوار چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته سامونڊي حيات جي تحفظ لاءِ عالمي ادارن سان رابطا مضبوط ڪيا پيا وڃن. ماحول جي تحفظ سان معيشت، صحت ۽ سياحت کي فائدو ٿيندو. آءِ يو سي اين جديد سائنسي طريقن سان ماحولياتي پاليسي سازيءَ ۾ مدد فراهم ڪندو.