اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) نجڪاري ڪميشن بورڊ نجڪاريءَ بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ چيئرمين نجڪاري ڪميشن محمد علي جي صدارت هيٺ ڪالهه هتي 236هين اجلاس ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ (زيڊ ٽي بي ايل) جي نجڪاريءَ لاءِ مالياتي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. چٽاڀيٽي ۽ شفاف چونڊ جي عمل کانپوءِ بورڊ زيڊ ٽي بي ايل ٽرانزڪشن لاءِ نيڪسٽ ڪيپٽل لميٽيڊ جي اڳواڻيءَ ۾ مالياتي صلاحڪارن جي ڪنسورشيم جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪنسورشيم جي ٻين عهديدارن ۾ اعجاز احمد اينڊ ايسوسيئيٽس (قانوني)، بيڪرٽلي محمود ادريس قمر (اڪائونٽنگ اينڊ ٽيڪس)، ايگزيڪيوٽو نيٽ ورڪ انٽرنيشنل، برج پبلڪ رليشنز (ميڊيا)، اسڪولز پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ (ري ويليور) ۽ پرائما گلوبل ڪنلسٽنگ پرائيويٽ شامل آهن. نجڪاري ڪميشن واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب 6 واڪ ڏيندڙن جي مالي درجابندي ڪئي وئي جن ۾ عارف حبيب لميٽيڊ، اي ايف فرگوسن، اي ڪي ڊي سيڪيورٽيز لميٽيڊ، برج فيڪٽر ۽ جي ايس بئنڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ناليواري ڪنسورشيم شامل آهن. نجڪاري بورڊ چونڊيل ڪنسورشيم سان مالياتي مشاورت جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته هيءَ اڳڀرائي حڪومت طرفان جاري نجڪاري پروگرام ۾ هڪ اهم قدم آهي. نجڪاري ڪميشن ڪارڪردگيءَ کي هٿي وٺرائڻ، نجي شعبي جي شرڪت وڌائڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ وسيع سڌارن لاءِ اهم ڏي وٺ کي فعال طور اڳتي وڌائي رهيا آهن. نجڪاري ڪميشن چيو آهي ته مالياتي مشيرن لاءِ اعليٰ درجي جي ڪنسورشيم جي مقرري ان عمل کي پيشيوراڻو، شفاف ۽ وقت سر انجام ڏيڻ لاءِ حڪومت جي پُختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.