راولپنڊي-03 جولاءِ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ڪالهه دفاعي پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب جمهوريه ازبڪستان جي سفير علي شير توقتايف وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير آيل مهمان جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجن دوستاڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪ سفير پاڪستان سان سمورن شعبن خاص ڪري دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڌُرين دفاعي صنعت جي ميدان ۾ گڏيل منصوبن جا امڪان تلاش ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن گڏيل مشاورت سان دفاعي صنعتي تعاون جو روڊ ميپ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو جنهن تي آگسٽ 25ع ۾ تاشقند، ازبڪستان ۾ ٿيندڙ گڏيل ورڪنگ گروپس جي اجلاس دوران صحيحون ڪيون وينديون.