اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ڪالهه جي سڪس جو دؤرو ڪيو ۽ مرڪزي امام بارگاهه اثنا عشري ۾ انتظامن جو جائزو ورتو. ڪالهه جاري بيان موجب مرڪزي امام بارگاهه اثنا عشري ۾ وزيرن انتظامن جو جائزو ورتو. وزيرن طرفان جلوس جي روٽس، سيڪيورٽي معاملن ۽ پارڪنگ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. امام بارگاهه ۾ وزيرن کي مجموعي انتظامن ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيرن کي ٻُڌايو ويو ته سيف سٽي ۾ قائم ڪنٽرول روم مان سمورن جلوسن ۽ مجلسن جي نمائندگي جاري آهي. محرم الحرام دوران سڄي شهر ۾ 181 جلوس ۽ 965 مجلسن جو بندوبست ٿيندو. بريفنگ ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي انتظامن تحت 16 هزار کان وڌيڪ پوليس ۽ رينجرز پنهنجا فرض سرانجام ڏينديون. ضلعي انتظاميه سمورن امام بارگاهن جي انتظام سنڀاليندڙن سان رابطي ۾ آهي. محرم الحرام جي حوالي سان سمورن فرقن جي عالم سڳورن سان اهم ملاقاتون ٿيون آهن. وفاقي وزيرن سيڪيورٽي سميت مجموعي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ محرم الحرام دوران سيڪيورٽي انتظام فول پروف رکڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزيرن هدايت ڪئي ته جلوس دوران يقين بنايو وڃي ته ٻين شهرين کي متبادل رستو استعمال ڪرڻ ۾ ڪا تڪليف نه اچي. متبادل رستن جي حوالي سان شهرين کي وقت سر آگاهه ڪيو ويندو.