اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير ۽ ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن احسن اقبال جي صدارت هيٺ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽيءَ جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت طرفان پيش ڪيل تعليم جي شعبي جا 6 منصوبا منظور ڪيا ويا، جن جي مجموعي لاڳت 19.253 ارب رپيا آهي، اهي سمورا منصوبا سي ڊي ڊبليو پي جي سطح تي ڪليئر ڪيا ويا. منظور ٿيل منصوبن ۾ ضلعي ڪان مهترزئي، قلعه سيف الله بلوچستان ۾ دانش اسڪول جي منصوبي جو قيام 2929.856 ملين رپيا، ضلعي سبي بلوچستان ۾ دانش اسڪول جي قيام جو منصوبو 3351.987 ملين رپيا، آزاد ڄمون ڪشمير ۾ دانش اسڪول جي قيام جو منصوبو 3042.778 ملين رپيا، بائيڪر، ضلع ڊيرا بگٽي بلوچستان ۾ دانش اسڪول جي قيام جو منصوبو 2665.733 ملين رپيا، ضلعه موسيٰ خيل بلوچستان ۾ دانش اسڪول جي قيام جو منصوبو 3630.771 ملين رپيا، ضلع زوب بلوچستان ۾ دانش اسڪول جي قيام جو منصوبو 3632.405 ملين رپيا، سمورا منصوبا وفاقي ۽ لاڳاپيل صوبائي حڪومت وچ ۾ 50-50 سيڪڙو جي لاڳت سان حصيداريءَ جي بنياد تي هوندا. وزيراعظم شهباز شريف جو سڄي ملڪ ۾ معياري تعليم جي نظام کي هٿي ڏيڻ واري ويزن تحت پنجاب حڪومت اڳ ئي دانش اسڪولن جو هڪ نيٽ ورڪ قائم ڪري چڪي آهي جيڪو پاڪستان ۾ پُٺتي پيل غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سڀ کان وڏو مفت بورڊنگ اسڪول سسٽم آهي، هاڻ ٻيا صوبا به ان ماڊل کي اختيار ڪري رهيا آهن ته جيئن پُٺتي پيل طبقن سان تعلق رکندڙ هوشيار شاگردن کي تعليم جا بهتر موقعا فراهم ڪري سگهجن.