اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪل فنانسنگ اسڪيم بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ انشورنس ڪمپنين، اليڪٽرڪ وهيڪل مينيوفيڪچررز ۽ لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي سيڪيورٽي خاص ڪري بيٽري چوري، انشورنس لاڳت ۽ اينٽي ٿيفٽ قدمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اليڪٽرڪ وهيڪل مينيوفيڪچررز آگاهه ڪيو ته هاڻ گاڏين ۾ جديد ٽريڪنگ سسٽمز، سمارٽ لاڪس ۽ محفوظ بيٽري ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن سان چوري جي خدشن ۾ نمايان طور گهٽتائي آئي آهي. مينيوفيڪچررز موجب پاڪستاني موسم جي لحاظ کان ليٿيم آئن بيٽريون وڌيڪ محفوظ تصور ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهي نه صرف ماحولياتي تحفظ ۾ مددگار هونديون آهن پر پائيدار ٽرانسپورٽ لاءِ به موزون آهن. هارون اختر انشورنس ڪمپنين کي هدايت ڪئي ته اهي موٽر سائيڪلن، رڪشائن ۽ ڪارن لاءِ ڌار ڌار انشورنس ريٽ جي ڪوٽيشن تيار ڪن ۽ اڱاري تائين پنهنجون تجويزون حڪومت کي پيش ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انشورنس ريٽس عوامي مفاد ۾ مناسب ۽ برداشت جوڳا هجن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان اسڪيم مان فائدو کڻي سگهن. هن واضح ڪيو ته پيش ڪيل تجويزن ۾ بهترين ۽ قابل عمل ريٽس جي چونڊ ڪئي ويندي ته جيئن اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي تحت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏئي سگهجي. هارون اختر چيو ته اليڪٽرڪ گاڏيون نه صرف توانائيءَ جي بچت پر ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۾ به مددگار هونديون ۽ حڪومت ان شعبي ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.