راولپنڊي-03 جولاءِ (اي پي پي)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان ڏکڻ آفريقا جي فضائيه جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل وائز مين سيمومبامبو جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڌُرين گڏيل دلچسپي جي وسيع شعبن ۽ ٻه طرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران هن ٻنهي فوجين وچ ۾ مصروفيتن جي سطح ۽ دائره ڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ عملي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وسيع تر جاگرافيائي سياسي منظرنامي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي علائقائي سلامتي جي منظرنامي تي پاڪستان جو نقطهءِ نظر پيش ڪيو ۽ـ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. معزز مهمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ان جي قربانين جو اعتراف ڪيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿن مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.