اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان پوليو اوور سائٽ بورڊ (پي او بي) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي جي پي اي آءِ جي پوليو اوور سائٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ گيٽس فائونڊيشن ۾ گلوبل ڊولپمينٽ جي صدر ڊاڪٽر ڪرس ايلس ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي پوليو بابت فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق به موجود هئي. صحت واري وزير وفد کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن، درپيش چئلينجز ۽ آئينده جي لائحه عمل تي تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته پوليو جو مڪمل خاتمو پاڪستان حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي ان مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. صحت واري وزير چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان کي جلد پوليو کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ان لاءِ اسان سمورا رياستي وسيلا ڪتب آڻينداسين. پوليو جي خاتمي جي جدوجهد ۾ اسان جي هيلٿ ورڪرز پنهنجون جانيون ڏنيون آهن جيڪو اسان جي پُختي عزم جو ثبوت آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پوليو وائرس هن وقت صرف پاڪستان ۽ افغانستان ۾ موجود آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن کي پوليو وائرس جي حوالي سان گڏيل زون تصور ڪيو وڃي ٿو، اسان سرحد جي پرئين ڀر کان وائرس کي پکيڙڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ ئي وقت مهمن جي شروعات ڪري رهيا آهيون ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ آبادين تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي. اسان جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪ ئي وقت ۾ پوليو کان پاڪ ٿي وڃن. صحت واري وزارت جي ترجمان موجب اعليٰ سطحي وفد افغانستان جي دؤري کانپوءِ پاڪستان پهتو آهي ۽ هو وزيراعظم سميت ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وفد پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستان سان تعاون جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو.