اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سول ايوارڊز 2025ع جي سلسلي ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪابينه ڊويزن اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي ڪئي. اجلاس ۾ فنون لطيفه ۽ ادب جي شعبن ۾ نمايان خدمتون انجام ڏيندڙ شخصيتن جي نالن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪابينه سيڪريٽريٽ ۽ لاڳاپيل ادارن سميت فنون لطيفه ۽ ادب جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو ته ايوارڊز لاءِ چونڊ جو عمل نج ميرٽ تي ٻَڌل هجي ۽ پاڪستان جي ڀرپور ثقافتي ورثي جي حقيقي نمائندگي ڪري. وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي کي پاڪستان سول ايوارڊز جي چونڊ عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ٻُڌايو ويو ته مختلف نامزدگي ادارن کان ڪل 129 نالا مليا آهن. اجلاس ۾ راءِ ڏني وئي ته فنڪارن جي چونڊ ڪنهن امتحان يا نمبر سسٽم تحت نه هئڻ گهرجي پر لاڳاپيل شعبي جي ماهرن سان مشاورت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪي پي ڪي جي فنون ۽ ثقافت مان ڪنهن اميدوار جو نالو نه مليو جنهن تي وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن صوبائي حڪومت ان شعبي مان نالو تجويز ڪندي ته ان کي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ سمورن نامزد اميدوارن جي خدمتن ۽ انهن جي نمايان ڪاميابين ۽ انهن لاءِ موزون ايوارڊز جي تفصيلن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير تجويز ڏني ته سمورن اهل ۽ قابل اميدوارن کي ايوارڊز لاءِ چونڊڻ گهرجي ۽ ايوارڊز حاصل ڪندڙن جو انگ ڪنهن مخصوص حد ۾ محدود نه ڪرڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڏنل سفارشن کي پاڪستان سول ايوارڊز 25ع جي حتمي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.