شوشا، قره باغ – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي شوشا، قره باغ پهچي ويو. فذولي هوائي اڏي تي آذربائيجان جي ثقافت واري وزير عادل ڪرملي، آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سفير خضر فرهادوف، پاڪستان جي آذربائيجان ۾ سفير قاسم محي الدين ۽ اعليٰ سفارتي ۽ حڪومتي اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان وفد ۾ شريڪ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف خانڪندي ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان اهم ملاقاتون پڻ ڪندو.