اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي پارلياماني ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو پارلياماني ڪردار ۽ معزز ميمبرن جي پاڪ فضائيه جي حق ۾ يڪجهتي فخر جوڳي آهي، ڀارتي جارحيت خلاف قومي يڪجهتي قائم ڪرڻ لاءِ سندن ڪردار ساراهه جوڳو آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي نالي شڪراني جي اظهار لاءِ خط موڪليو جنهن ۾ هن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي پارلياماني ڪردار جي واکاڻ ڪندي هن ڀارتي جارحيت خلاف قومي يڪجهتي قائم ڪرڻ لاءِ سندس ساراهه ڪئي. هن چيو ته دشمن جي جارحيت جو اثرائتو جواب ڏيڻ تي پارلياماني ۽ قومي قيادت پاران خراج تحسين وسارڻ جوڳو ناهي، پاڪ فضائيه جي ڪاميابي رب ڪريم جي خاص عنايت ۽ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جو نتيجو آهي، هن چيو ته قومي اتحاد ۽ يڪجهتي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملايو. پاڪ فوج هر چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، پاڪ فضائيه ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه ملڪي سرحدن جي حفاظت کي پنهنجي مقدس ذميواري سمجهي ٿي، ايئر چيف مارشل قومي هدفن جي تڪميل لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ايئر چيف مارشل جو خط قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خط جي جواب ۾ لکيو ويو آهي. سردار اياز صادق ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي فيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير ۽ ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي خط لکيا هئا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي خط ۾ پارليامينٽ پاران هٿياربند فوج سان حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.