اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ ۾ عالم سڳورن جو ڪردار اهم آهي، آئون ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته عالمن ڪيترن ئي تڪراري مسئلن کي سٺي طريقي سان حل ڪيو آهي، پاڪ – ڀارت جنگ ۾ الله تعاليٰ پاران پاڪستان جي غيبي مدد جا ڪيترائي مظاهرا ڏسڻ لاءِ مليا، سمورن مڪتب فڪر جي اڳواڻن ۽ عالم سڳورن کي دعوت ڏني ويندي ته 14 آگسٽ تي فيصل مسجد ۾ ظهر جي نماز گڏ ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي سربراهي ۾ سمورن مڪتب فڪر جي مک عالم سڳورن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران محرم الحرام خاص ڪري عاشوره جي موقعي تي امن امان ۽ مذهبي هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي چيو ته محرم الحرام ۾ عالمن سڳورن جو امن امان برقرار رکڻ لاءِ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته محرم دوران امن امان جي قيام ۾ عالم سڳورن جو ڪردار سيڪيورٽي ادارن جي برابر اهم آهي، هن چيو ته عالم سڳورا محرم الحرام ۾ انتظاميه سان مسلسل رابطن ۾ رهندا آهن. گهرو وزير چيو ته معمولي تڪرار پڻ عالم سڳورا حل ڪرائيندا آهن، آئُون ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته عالم سڳورن ڪيترن ئي مسئلي کي سهڻي نموني حل ڪيو آهي.هن چيو ته منهنجو يقين آهي ته امام حسين عيله السلام سڀني جا آهن، سمورن مڪتب فڪر جي سربراهن ۽ عالم سڳورن کي دعوت ڏني ويندي ته اهي اسان سان گڏ 14 آگسٽ تي فيصل مسجد ۾ ظهر جي نماز جماعت سان گڏ ادا ڪن. محسن نقوي چيو ته مان ۽ گهرو مملڪتي وزير سمورن عالم سڳورن کي پاڻ دعوت ناما پهچائينداسين، ان اجتماع ذريعي سڄي دنيا کي اهو پيغام ڏنو ويندو ته اسان سڀ گڏ آهيون ۽ ان لاءِ 14 آگسٽ کان ڀلو ٻيو ڪو ڏينهن نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته هلندڙ سال جنگ ۾ ڪاميابي کانپوءِ الله تعاليٰ اسان کي جيڪا عزت ڏني آهي ان جي ڪري ئي ايندڙ يوم پاڪستان هڪ مثالي يوم آزادي طور ملهايو ويندو، ان اجتماع ۾ حڪومت پاران ڀرپور نمائندگي ڪئي ويندي. گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي عروج تي آهي، منهنجي خواهش آهي ته ڪي پي ڪي جي سمورن عالمن سڳورن سان ملاقات ڪريون ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪريون. هن مذهبي هم آهنگي لاءِ مولانا عبدالخبير آزاد جي ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي. هن چيو ته  مولانا عبدالخبير آزاد هر موقعي تي سمورن مڪتب فڪر جي عالم سڳورن کي گڏ کڻي هلندو آهي، منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ اجلاس خيبرپختونخوا ۾ رکون ۽ اتي سمورن عالم سڳورن کي گڏ ويهاريون. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي جلد ئي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪنداسين ۽ ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائينداسين. ان موقعي تي طلال چوڌري چيو ته اسان اوهان سڀني جا شڪرگذار آهيون ته اوهان پنهنجو فرض بهترين طريقي سان نڀايو آهي، هن چيو ته محرم الحرام ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اوهان جي ذميواري وڌي ويندي آهي، اسان کي ڪنهن به نفرت يا سازشي ايجنڊا جو شڪار نه بڻجندي اتحاد کي برقرار رکڻ آهي.