اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون، پوليو ورڪرز جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوبائي حڪومتن سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين کي پوليو جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پوليو جي خاتمي بابت اوورسائيٽ بورڊ جي صدر ۽ گلوبل بورڊ ڊيولپمينٽ ۽ گيٽس فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر ڪرسٽوفر ايلياس جي قيادت ۾ پوليو اوورسائيٽ بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود حڪومت پنهنجي عالمي ۽ صوبائي، مقامي سمورين ٽيمن جي مدد سان پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي هدف کي جلد حاصل ڪري وٺندي، اسان پاڪستان جي هر ٻار کي پوليو جهڙي موذي مرض کان بچائڻ ۽ پوليو فري پاڪستان جو عزم ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي پوري محنت ۽ سنجيدگي سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته سڄي ملڪ جي هر ٻار کي ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ملن ۽ اهي پوليو کان محفوظ رهن، فرنٽ لائين ورڪرز جي محنت، پاڪستان حڪومت جي عزم ۽ پارٽنرز جي تعاون سان پاڪستان پوليو جي خلاف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ۽ تعاون ساراهه جوڳو آهي. پوليو ورڪرز جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. صوبائي حڪومتن سميت سمورين لاڳاپيل ڌرين کي پوليو جي خاتمي لاءِ گڏجي وڌيڪ تيزي سان ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سمورن حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جيڪي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهن. سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جو به ٿورائتو آهيان، جيڪو پوليو جي خاتمي ۾ پاڪستان جو هر طرح سان ساٿ ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ بل گيٽس فائونڊيشن سميت سمورن ادارن تمام اهم ۽ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس کي پوليو جي خاتمي بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ضلعي ۾ درپيش مسئلن جي لحاظ کان مخصوص پوليو جي خاتمي واري مهم جوڙي پئي وڃي. پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي مهم نه رڳو ٻارن ۾ پوليو ڪيسز پر انهن جي ماحولياتي موجودگي کي ختم ڪرڻ ۾ پڻ ڪوششون ڪري رهي آهي. پوليو ۽ اوورسائيٽ بورڊ جي ميمبرن ۾ صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنان بلخي، يونيسيف جي ريجنل ڊائريڪٽر سنجي وجي سڪيرا، ڪي ايس ريليف سعودي عرب جي ڊاڪٽر زياد ميميش، روٽري انٽرنيشنل جي ميڪگورن ۽ ٽرسٽي روٽري جو عزيز ميمڻ شامل هئا. اجلاس ۾ صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، قومي صحت واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ، پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق، چئني صوبن، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير جي سيڪريٽريز، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي چيف ڪمشنر، پوليو جي خاتمي واري نيشنل ڪوآرڊينيٽر ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.